تذڪره اولياءِ

تذڪره اولياءِ

تذڪرة الاولياء

تذڪرة الاولياء (ڪتاب): هي ڪتاب اصل فارسيءَ ۾ شيخ فريد الدين عطاررحه جو لکيل آهي، جنهن ۾ اولياءَ ڪرام جي زندگي ۽ ڪرامتن جو بيان آهن. هن ڪتاب ۾ ڪُل 96 اولياءَ ڪرامن جو ذڪر آهي. هن ڪتاب جو پهريون سنڌي ترجمو ميان عنايت الله سومري ڪيو هو، جيڪو شڪارپور مان مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شايع ڪيو، بعد ۾ هن ساڳئي ڪتاب جو ترجمو محمد صالح کهڙي ڪيو. مترجم ٻه صفحا مصنف شيخ فريد الدين عطاررحه جي شخصيت ۽تصنيفن بابت پڻ ڏنا آهن. ڊيمي سائيز جي پڪي جلد واري هن ڪتاب جا 451 صفحا آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. هي ڇاپو روشني پبلڪيشن، ڪنڊياري طرفان 2006ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو